عاشر عظيم

عاشر عظيم

عاشر عظيم

عاشر عظيم: ٽي. وي ۽ فلم جو مشهور پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ليکڪ ۽ اداڪار عاشر عظيم، 1962ع ڌاري ڪوئيٽا ۾ ڄائو. سندس تعلق عيسائي مذهب سان آهي. هن پرائمري ۽ ثانوي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. 1984ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ڪاليج آف ايروناٽيڪل انجنيئرنگ مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1986ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪراچيءَ مان بي. بي. اي ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1988ع ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ آفيسر طور ڪئي. نوڪري دوران هن پي. ٽي. وي لاءِ ‘دهوان’ نالي هڪ ڊرامو لکيو، جنهن کي ٽي. وي. جي ناليواري پروڊيوسر سجاد حيدر ڪوئيٽا ٽي. وي سينٽر تان رڪارڊ ڪيو. هن ڊرامي ۾ عاشر عظيم پاڻ به اداڪاريءَ ڪئي، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ کيس بيحد مقبوليت حاصل ٿي. 2016ع ۾ سندس پروڊيوس ٿيل فلم ‘مالڪ’ رليز ٿي. هن فلم جي ڪمائي سندس لکيل آهي هن فلم ۾ اهم ڪردار به ادا ڪيائين. سندس ٻئي فلم ‘يلگار’ 2017ع ۾ رليز ٿي. جنهن ۾ سندس اداڪاريءَ کي بيحد ساراهيو ويو. هن وقت ٻن ٻارن ۽ زال بشريٰ سمي ڪئناڊا ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عاشر عظيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو